آڙي پکي Coot Birds
Coot Birds مٿي ڏنل هن پکي توهان ڪڏهن ڏٺو آهي؟ هن پکي جو نالو ڇا آھي؟ ۽ هن جو انگلش۾ نالو ڪهڙو اٿس؟ اچو ته توهان کي هن پکي جي باري ۾ ڪجھ معلومات ٻڌايون. هن پکي کي انگلش ۾ Fulica atra ۽ ٻئي هنڌ ”ڪوٽ“ Coot سان به سڃاتو ويندو اٿس۔۔۔ اردو ۾ هن کي آبي مرغابي ۽ عربي ٻولي ۾ هن پکي کي”الغر“ جي نالي سان ڪوٺيو ويندو اٿس۔ قد بت ۾ ھي چاليھ 40 سينٽي ميٽرن جو هوندو آھي۔۔ هن ڪارڙي رنگ جي خوبصورت پکي جا نر ماده بلڪل هڪجهڙا هوندا آهن. رنگ ۾ سڄو بت ڪارو، چھنب ۽ پيشاني مٿان اڇي White رنگ جي پاپڙي ٿيس ٿي. آڙي پکي جڏهن پاڻيءَ تان اڏامندي آهي تڏھن ان کي هوا جي ڪلهن تي چڱيءَ طرح سان سوار ٿيڻ تائين پاڻيءَ تي پير هڻي ڊوڙڻو پوندو آهي. پر پوءِ ان جي اڏار ڏاڍي سٺي هوندي آهي. آڙي اڪثر کليل پاڻيءَ تي ايندي آھي ۽ سياري ۾ وڏا ولر ٺاهي رھندي ٿي
Comments
Post a Comment